ٽنڊو باگو

ٽنڊو باگو: ٽنڊو باگو ضلعي بدين جو هڪ وڏو شهر آهي، جيڪو شادي واهه جي کاٻي پاسي واقع آهي. تلهار ۽ بدين هن جون ويجهيون ريلوي اسٽيشنون آهن. 18 صدي عيسويءَ ۾ ميرباگي خان ٽالپر هيءُ شهر آباد ڪيو ۽ پنهنجي نالي جي نسبت سان شهر جو نالو ”ٽنڊوباگو“ رکيائين. هتي چانورن ڇڙهڻ جا ڪارخانا آهن. تعليمي ادارن ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول قابل ذڪر آهي. 1998ع جي آدمشماريءَ موجب هتي جي آبادي ٽن لکن جي لڳ ڀڳ هئي، جيڪا هاڻي يقيناً وڌي وئي هوندي. سخي مرد مير غلام محمد خان ٽالپر، هن شهر ۾ پنهنجي خرچ سان بوائز هاءِ اسڪول کولايو هو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين هلي رهيو آهي. مير صاحب جي خرچ سان 1921ع ۾ قائم ڪيل هڪ مدرسو به هلندڙ آهي. هن اسڪول ۽ مدرسي مان سوين اهڙا شاگرد پيدا ٿيا، جن تعليمي ۽ سماجي ڪمن ۾ وڏو حصو ورتو. مير غلام محمد 1932ع ۾ وفات ڪئي. ٽنڊي باگي جون مشهورڍنڍون ڦوسڻا، نوابن جي ڍنڍ، بند کوهه، نهري، نئين، کِيرو وَل، ڦراهو، موٽِڻا، ننڍو نيرو، ڏوهِر، چرو وَرَ، ڍورو نيرو، اُنڙي ۽ مڇائو آهن.


لفظ ٽنڊو باگوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو